صادق التواريخ  قلمي نسخو

صادق التواريخ قلمي نسخو

صادق التواريخ قلمي نسخو

صادق التواريخ (قلمي نسخو): اردو ٻوليءَ ۾ هي قلمي نسخو محمد اشرف گرگاني ۽ محمد دين جو تصنيف ڪيل آهي. جنهن ۾ عباسي خليفن، سنڌ جي عباسين ۽ بهاولپور جي عباسي حڪمرانن جي جامع تاريخ موجود آهي. هي نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي نسخو ڪاتب فقير ميانجي مولوي الاهي بخش سومري 1355هه/ 1937ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن نسخي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمٰن الرحيم حامد و مصليا
وسلما- ديباچه علم تاريخ کوجو منزلت اس زماني... الخ“
اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”... ذات ڀٽي قادرپوري مريدڪ
هين بزمائش سيد صاحب موصوف نقل هي...“
166 صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي تي 15 سٽون آهن. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو